پيرڳوٺ واسي استاد ممتاز ميمڻ جي نوجوان پٽ کي پوليس مبينا کنڀي گم ڪري ڇڏيو، دانهون
پيرڳوٺ واسي استاد ممتاز ميمڻ جي نوجوان پٽ کي پوليس مبينا کنڀي گم ڪري ڇڏيو، دانهون
پيرڳوٺ واسي استاد ممتاز ميمڻ جي نوجوان پٽ کي پوليس مبينا طور کنڀي گم ڪري ڇڏيو، نوجوان جي پيءُ ۽ امڙ طرفان ميونسپل چيئرمين حاجي غفار ميمڻ تي پٽ کي اغوا ڪرائڻ جا الزام هنيا ويا
استاد ممتاز ميمڻ ۽ سندس گهر واري روئندي چيو آهي ته پوليس ۽ ميونسپل چيئرمين جي ماڻهن گهر ۾ گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪئي، پوليس اهلڪار ۽ غنڊا نائين ڪلاس جي شاگرد حيدر علي ميمڻ کي کنڀي ويا
نوجوان جي امڙ ۽ والد روئيندي ٻڌايو ته خدشو آهي ته اسان جي پٽ سان ڏاڍائي ڪرڻ بعد کين قتل ڪيو ويندو، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ٻين کي پٽ جي بازيابيءَ جي اپيل ڪيون ٿيا
ٻئي طرف گم ڪيل نوجوان جي پيءُ ۽ ماءُ جي دانهون ڪري روئڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، سوشل ميڊيا صارفين طرفان افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي





































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































