هي سسٽم ۽ حڪومت هلندي رهندي، عوام کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي: شرجيل ميمڻ

هي سسٽم ۽ حڪومت هلندي رهندي، عوام کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي: شرجيل ميمڻ

هي سسٽم ۽ حڪومت هلندي رهندي، عوام کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي: شرجيل ميمڻ

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هي سسٽم ۽ حڪومت هلندي رهندي، عوام ۽ سيڙپڪارن کي پريشان ٿيڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي، ملڪ ۾ ڪجهه به ٿيڻ نه پيو وڃي، عوام ڪنهن به قسم جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس جي نئين روٽ جي افتتاحي تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه ماڻهو مايوسي پکيڙي رهيا آهن، ماڻهو مختلف انداز ۾ ناڪاري ڳالهيون پکيڙي رهيا آهن

هن چيو ته ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار بهتر نظر اچي رهيو آهي، ڪجهه به خراب ٿيڻ نه پيو وڃي، معاشي چئلينجز ۾ به جلد بهتري اچڻ واري آهي، ماڙيپور کان ٽاور تائين هڪ نئين بس روٽ جي شروعات ڪري رهيا آهيون

هن چيو ته سنڌ سرڪار جي ڪوشش آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف ۽ سهولتون ملن، سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ اهي رليف ڏنا ويا جيڪي گهريا به نه ويا هئا، اليڪشن ڪميشن جو قانون چوي ٿو ته پرڏيهي فنڊنگ واري جماعت اهل نه آهي

Leave a comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Latest news