مودي جي حلف برداري تقريب، ڪيترن ئي ملڪن جي سرابراهن پاران شرڪت کان انڪار
مودي جي حلف برداري تقريب، ڪيترن ئي ملڪن جي سرابراهن پاران شرڪت کان انڪار
ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي حلف برداري تقريب ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي سرابراهن شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتيه جنتا پارٽي جو اڳواڻ نريندر مودي مسلسل ٽيون ڀيرو وزيراعظم چونڊجي ويو آهي ۽ ملڪ جي خاتون صدر اڄ هڪ تقريب ۾ کانئس عهدي جو حلف کڻندي.
ڀارتي ميڊيا موجب بي جي پي جي چونڊ اتحاد نيشنل ڊيموڪريٽڪ الائنس لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ 543 مان 293 سيٽون حاصل ڪري ملڪ ۾ حڪومت سازي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ان سلسلي ۾ نريندر مودي اڄ مسلسل ٽيون ڀيرو وزيراعظم جي عهدي جو حلف کڻندو جڏهن ته ڪابينا جا 40 وزير به قسم کڻندا. جنهن ۾ بي جي پي کان سواءِ 9 ٻين پارٽين جا وزير به شامل آهن.
مسلسل ٽيون ڀيرو وزيراعظم جي عهدي جو حلف کڻڻ هڪ تاريخي سنگ ميل آهي ۽ ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن کي دعوتون موڪليون ويون پر ان ۾ شرڪت لاءِ صرف سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي، مالديپ جو صدر مويوزو، آفريڪي ملڪ سيشلز جي نائب صدر احمد عفيف، بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينا، ماريشس جي وزيراعظم جگن ناٿ، نيپال جي وزيراعظم پشپا ڪمل دل ’پراچندا‘ ۽ ڀوٽان جي وزيراعظم شيرنگ شرڪت جي حامي ڀري آهي.
مودي جن ملڪن کي پنهنجا ويجها دوست سڏيندو هو، انهن ۾ آمريڪا سميت خليجي ملڪن خاص ڪري گڏيل عرب امارات ۽ سعودي عرب جا سربراهه شامل آهن، پر انهن مان ڪو به سندس حلف برداري تقريب ۾ شرڪت نه ڪندو.
سک اڳواڻ جي قتل تي ڀارت پهريان ئي ڪئناڊا سان سفارتي لاڳاپا ٽوڙي چڪو آهي جڏهن ته حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته روس ۽ چين به تقريب ۾ شرڪت تي خاموشي اختيار ڪئي آهي…….





































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































