#ٽاپ اسٽوري #عالمي

لبنان ۾ هڪ ئي وقت هزارين پيجر ڦاٽڻ سبب ويڙهاڪ تنظيم حزب الله جي ڪارڪنن سميت 9 ڄڻا مارجي ويا

لبنان ۾ هڪ ئي وقت هزارين پيجر ڦاٽڻ سبب ويڙهاڪ تنظيم حزب الله جي ڪارڪنن سميت 9 ڄڻا مارجي ويا

ايراني سفير مجتبيٰ اماني سميت 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي، لبنان جي سرڪار ۽ حزب الله پيجر ڌماڪن جو ذميوار اسرائيل کي قرار ڏئي ڇڏيو، حزب الله پاران اسرائيل کان پلاند وٺڻ جو اعلان

لبنان جي وزيراعظم نجيب ميقاتي چيو ته اسرائيل لبنان جي قومي سلامتي جي سنگين ڀڃڪڙي ڪئي آهي، حزب الله موجب لبنان جي مختلف علائقن ۾ اوچتو مختلف شهرين جا پيجر ڌماڪن سان ڦاٽڻ شروع ٿي ويا

ماڻهن جي ٿيلن، کيسن ۽ ٻين هنڌن تي پيل پيجر اوچتو ڌماڪن سان ڦاٽي پيا، ڪجهه واقعن جا سي سي ٽي وي فٽيج به سامهون اچي ويا، پيجر جي ڌماڪي ۾ لبنان ۾ مقرر ايراني سفير به معمولي زخمي ٿي پيو

سيڪيورٽي ماهرن موجب حزب الله پيجرز جي هڪ نئين کيپ پرڏيهه مان گهرائي هئي، لڳي ٿو ته لبنان اماڻيل پيجرز اندر ڌماڪيدار مادو رکيو ويو هو، ڪنهن مخصوص سگنل ذريعي ڌماڪيدار مادي کي ايڪٽو ڪيو ويو

حزب الله اسرائيلي انٽيليجنس جي ٽريڪنگ کان بچڻ لاءِ هلندڙ سال جي شروعات ۾ پيجرز استعمال ڪرڻ شروع ڪيا هئا، پيجر هڪ ننڍو وائرليس ڊوائيس آهي، جيڪو موبائيل فونز جي اچڻ کان اڳ گهڻو مقبول

Leave a comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Latest news