عمر ايوب جي نومبر واري ڳالهه تي اسان کي الرٽ رهڻو پوندو: راڻا ثناءُ الله
عمر ايوب جي نومبر واري ڳالهه تي اسان کي الرٽ رهڻو پوندو: راڻا ثناءُ الله
عمر ايوب جي نومبر واري ڳالهه تي اسان کي الرٽ رهڻو پوندو، عمر ايوب ۽ اسد قيصر جي ڳالهين تي شڪ ٿئي ٿو، الرٽ رهي شين کي منهن ڏيڻو پوندو، پي ٽي آءِ جي سيڪنڊ قيادت محفلن ۾ چئي رهي آهي ته اسان جي ڳالهه ٿي وئي، چيو پيو وڃي ته چيف جسٽس ٿيندي ئي اليڪشن جي تياري ڪريو، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جو آرمي چيف جي نالي نياپو گهڻي دير سان آيو، پي ٽي آءِ باني ڪوشش ڪندو رهي، ڪوشش ڪرڻ ۾ڪو عيب ناهي، ڇا هڪڙي بيان سان سموريون ڳالهيون وساري سگهجن ٿيون؟ هاڻي به آرمي ۽ رياست خلاف پروپگئنڊا جاري آهي، پي ٽي آءِ وارا رستو ڪڍڻ لاءِ داءُ کيڏڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر ڪامياب نه ٿيندا، نظر اچي پيو ته هي ڪجهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا يا ڪندا، هڪ سوال جي جواب ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته قانون جي ڄاڻُن جو وڏو انگ عدالتي فيصلي تي حيران آهي، آئين ۽ قانون کي هڪ ڌُر جي حق ۾ آڻڻ جا نتيجا سٺا نه نڪرندا





































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































