ظالم شخص لوڊر گاڏي تان چارو کائڻ تي مينهن جي زبان ڪٽي ڇڏي
ظالم شخص لوڊر گاڏي تان چارو کائڻ تي مينهن جي زبان ڪٽي ڇڏي
سرگوڌا ۾ لوڊر رڪشي تان چارو کائڻ تي رڪشي جي مالڪ مينهن جي زبان ئي ڪٽي ڇڏي، پوليس موجب هي واقعو گذريل ڏينهن شاهه پور سٽي جي ڳوٺ ۾ پيش آيو جتي بلال نالي شخص بي زبان جانور جي زبان ئي ڪٽي ڇڏي پوليس واقعي جا تفصيل ٻڌائيندي ٻڌايو ته بلال پنهنجي لوڊر رڪشي ۾ چارو رکي رهيو هو ته ان دوران هڪ مينهن آئي ۽ ان جي لوڊر رڪشي تان چارو کائڻ شروع ڪيو، ڪاوڙيل رڪشي مالڪ مينهن کي پڪڙيو ۽ گاهه ڪٽيندڙ اوزار سان ان جي زبان ئي ڪٽي ڇڏي
پوليس موجب مينهن جي مالڪ جي درخواست تي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري ان کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ڊي پي او سرگوڌا معاملي جي جاچي جو حڪم ڏيندي رپورٽ طلب ڪري ورتي
ٻئي پاسي لائيو اسٽاڪ کاتي طرفان مينهن جو طبي معائنو ڪرايو ويو عملدارن مينهن جي زبان ڪٽجڻ جي تصديق ڪئي، جڏهن ته جوابدار رڪشي جي مالڪ جو موقف سامهون نه اچي سگهيو





































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































