سياسي مافيا چاهي ٿي ته عزم استحڪام کي تڪراري بڻايو وڃي: ڊي جي آءِ ايس پي آر
سياسي مافيا چاهي ٿي ته عزم استحڪام کي تڪراري بڻايو وڃي: ڊي جي آءِ ايس پي آر
عزم استحڪام آپريشن ناهي، دهشتگردي خلاف ڪارروائين کي وسيع، گهڻ رُخَي ۽ مربوط طريقي سان نئين سر شروع ڪرڻ جي مهم آهي، اِن ۾ ڪنهن جي به لڏڌپلاڻ نه ٿيندي، اِن کي قانونسازي وسيلي مستحڪم ڪيو ويندو، ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو آهي ته انتهائي سنجيده اشو کي سياست جي ور چاڙهيو پيو وڃي، مفاد پرست ۽ مضبوط لابي پنهنجي ناپاڪ ارادن لاءِ چاهي ٿي ته نيشنل ايڪشن پلان جا مقصد حاصل نه ٿي سگهن، اها سياسي مافيا چاهي ٿي ته عزم استحڪام کي تڪراري بڻايو وڃي، مفاد پرست ڌُريون معاملا اُنڪري سڌا ٿيڻ نٿيون ڏين، جو اُهي گهڻو مال ٺاهينديون آهن، رياست جڏهن دهستگردي ۽ ڏوهن جي ڳٺجوڙ خلاف اُٿندي آهي ته اهي ماڻهو رياست تي حملا ڪندا آهن، راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته قانوني نظام 9 مئي ڪندڙ، سندن سهولتڪارن ۽ رٿابندي ڪندڙن کي ڪيفرڪردار تائين نه پهچائيندو ته ملڪ ۾ فسطاعيت پکڙجي ويندي، 9 مئي واقعو ٿيو ته هڪ انتشاري ٽولي پروپگئنڊا شروع ڪئي فوج گولي ڇو نه هنئي، جيڪڏهن ڪجهه هٿياربند هجوم ۾ شامل ٿين ٿا ته کين روڪڻ ڪنهن جي ذميواري آهي
ڊجيٽل دهشتگرد اصل دهشتگردن کي سپورٽ ڪن ٿا، فوج دهشتگردن ۽ ڊجيٽل دهشٽگردن آڏو بيٺي آهي، هينئر سوشل ميڊيا تي ڊجيٽل دهشتگردي ٿي رهي آهي، سوشل ميڊيا تي فوج ۽ اُن جي قيادت خلاف ڳالهايو وڃي ٿو، ڊي ڊي جي آءِ ايس پي آر
ڊجيٽل دهشتگرد اصل دهشتگردن کي سپورٽ ڪن ٿا، فوج دهشتگردن ۽ ڊجيٽل دهشٽگردن آڏو بيٺي آهي، هينئر سوشل ميڊيا تي ڊجيٽل دهشتگردي ٿي رهي آهي، سوشل ميڊيا تي فوج ۽ اُن جي قيادت خلاف ڳالهايو وڃي ٿو، ڊي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته فزيڪل دهشتگردن کي فوج انٽيليجنس بيسڊ آپريشن وسيلي نيوٽرل ڪندي آهي، پاڪ فوج هر ڪلاڪ ۾ 4کان 5 آپريشن ڪري رهي آهي، پر قانون کي ڊجيٽل دهشتگردن کي روڪڻو آهي، اها خبر ناهي پوندي ته ڊجيٽل دهشتگرد ڪٿي آهي، ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته فوج ڪيترن ئي علائقن کي ڪليئر ڪري چڪي آهي ۽ اڃا به ڪليئر ڪري ٿي، پر ڪليئرنس کانپوءِ حڪوتون پنهنجون ڪم نه ڪنديون آهن ،پنهنجو ڪم نه ڪرڻ لاءِ سياسي بيانيو ٺاهيو ويندو آهي، ڪرمنل ريفارمز تي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي آهي، پر دهشتگردي ٽوڙ عدالتون ڪي پي ۾ 13 ۽ بلوچستان ۾ 9 آهن، انهن عدالتن مان گذريل سال بلوچستان ۾ 10 ۽ ڪي پي ۾ 13 سزائون ڏنيون ويون، ملڪ ۾ 32 هزار کان وڌيڪ مدرسا آهن، پر رڳو 16 هزار رجسٽر ٿيل آهن، اٽڪل 50 سيڪڙو مدرسن بابت ڪنهن کي به خبر ناهي ته ڪٿي آهن ۽ ڪير هلائي رهيو آهي
بنون واقعي ۾ 8 جوان شهيد ٿيا، سپاهي سبحان پاڻ کي گرنيڊ تي رکيو ته جيئن ٻيا ماڻهو بچي وڃن، واقعي ۾ سمورن دهشتگردن کي جهنم پهچائي ڇڏيو، ڊي جي آءِ ايس پي آر
بنون واقعي ۾ 8 جوان شهيد ٿيا، سپاهي سبحان پاڻ کي گرنيڊ تي رکيو ته جيئن ٻيا ماڻهو بچي وڃن، واقعي ۾ سمورن دهشتگردن کي جهنم پهچائي ڇڏيو، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته بنون واقعي جي ٻئي ڏينهن ماڻهن چيو امن مارچ ڪندا، اُنهي امن مارچ ۾ ڪجهه هٿياربند اڳ ئي شامل هئا، هڪ عارضي ڀِت ڊاهي سپلاءِ ڊيپو مان ڦرلٽ ڪئي وئي، تاجرن جي امن مارچ ۾ ڪجهه مخصوص ماڻهو شامل ٿيا، اُن جاءِ کان هڪ ڪلو ميٽر پري هٿياربندن فائرنگ ڪئي ۽ جاني نقصان ٿيو، هجوم کي ڪنٽرول ڪرڻ فوج نه، صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، ميڊيا کي بريفنگ ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته بنون ۾ فوج ايس او پيز تحت صحيح ريسپانس ڏنو، ڪو انتشاري ٽولو ايندو آهي ته اُن کي پهرين وارننگ ڏني ويندي آهي، پوءِ هوائي فائرنگ ڪئي ويندي آهي، انتشاري ٽولو نه رُڪجي ته پوءِ اُن سان جيڪو ڪرڻو هجي، اُهو ڪيو ويندو آهي، بنون واقعو ٿيندي ئي سوشل ميڊيا تي هنگامو ڪيو ويو
عزمِ استحڪام فوجي آپريشن نه پر دهشتگردي ۽ ڏوهن جو ڳٺجوڙ ٽوڙڻ لاءِ هڪ گهڻ رخي حڪمت ملي آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر
عزمِ استحڪام فوجي آپريشن نه پر دهشتگردي ۽ ڏوهن جو ڳٺجوڙ ٽوڙڻ لاءِ هڪ گهڻ رخي حڪمت ملي آهي، انتهائي سنجيده معاملن کي به سياست جي ور چاڙهيو وڃي ٿو، عزم استحڪام ان جو مثال آهي، عزم استحڪام جي آپريشن ضرب عضب ۽ آپريشن راهه نجات سان ڀيٽا ڪرڻ غلط آهي، هڪ بيانيي ذريعي آپريشن عزم استحڪام کي تڪراري بڻايو پيو وڃي: پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جي پريس ڪانفرنس، پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ملڪ ۾ هڪ بيانيو ٺاهيو ويو ته آپريشن سان ماڻهو بي گهر ٿيندا ۽ ان جي مخالفت ڪرڻ گهرجي، هي اسان جي بقا جو معاملو آهي، اسان سنجيده معاملي کي به سياست جي ڪري مذاق بڻائي ڇڏيون ٿا، آپريشن عزم استحڪام جو هڪ مقصد دهشتگردي ۽ ڏوهن جي ڳٺجوڙ کي ختم ڪرڻو آهي، ملڪ ۾ بي نامي پراپرٽيز، اسمگلنگ ۽ نان ڪسٽم پيڊ گاڏين ذريعي دهشتگرد ڪم ڪري رهيا آهن، هڪ مضبوط لابي چاهي ٿي ته نيشنل ايڪشن پلان ۽ عزم استحڪام جا مقصد پورا نه ٿين، هڪ تمام وڏي مافيا، سياسي مافيا، غير قانوني مافيا هر هنڌ تان بيهي رهي ته اهو ڪم ٿيڻ ناهي ڏيڻو، اهي مافيائون ڪوڙ جي بنياد تي ان کي تڪراري بڻائڻ چاهين ٿيون
فوج علائقا ڪليئر ڪرائي ٿي پر صوبائي حڪومتون پنهنجو ڪم نه ٿيون ڪن، ملڪ ۾ 32 هزار مدرسا آهن پر رڳو 16 هزار مدرسا رجسٽرڊ آهن، 50 سيڪڙو مدرسا رجسٽر نه آهن، خبر نه آهي ته اهي مدرسا ڪير هلائي رهيو آهي، ڇا اهو ڪم به فوج جو آهي؟ : ڊي جي آءِ ايس پي ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري
فوج علائقا ڪليئر ڪرائي ٿي پر صوبائي حڪومتون پنهنجو ڪم نه ٿيون ڪن، ملڪ ۾ 32 هزار مدرسا آهن پر رڳو 16 هزار مدرسا رجسٽرڊ آهن، 50 سيڪڙو مدرسا رجسٽر نه آهن، خبر نه آهي ته اهي مدرسا ڪير هلائي رهيو آهي، ڇا اهو ڪم به فوج جو آهي؟ : ڊي جي آءِ ايس پي ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جو پريس ڪانفرنس دوران سوال، پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته افغانستان جون 6 ملڪن سان سرحدون ملن ٿيون، ٻين ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ ماڻهو ويزا ۽ پاسپورٽ وٺن ٿا، پر پاڪستان ۾ رڳو ذڪر تي ماڻهو داخل ٿين ٿا، پاڪستان کي سافٽ اسٽيٽ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، رياست ۽ حڪومت ون ڊاڪيومينٽ رجيم قائم ڪئي ته چمن ۾ ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين مطالبو ڪيو ته منشيات اسمگل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته آپريشن عزم استحڪام ڇو ضروري آهي





































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































