سنڌ ڪابينا: ڇانوڻي بورڊ جي علائقن مان پراپرٽي ٽيڪس اوڳاڙڻ جي منظوري
سنڌ ڪابينا: ڇانوڻي بورڊ جي علائقن مان پراپرٽي ٽيڪس اوڳاڙڻ جي منظوري
سنڌ ڪابينا سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ڇانوڻي بورڊ جي علائقن مان پراپرٽي ٽيڪس اوڳاڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
ڪابينا جي فيصلي موجب ڪنٽونمينٽ بورڊ پنهنجي طريقي سان پراپرٽي ٽيڪس جي اوڳاڙي ڪندو
ڇانوڻي بورڊ ٽيڪس اوڳاڙڻ بعد 2 سيڪڙو سروس چارجز رکي باقي سنڌ حڪومت حوالي ڪندو، سنڌ ڪابينا پاران اسٽيل ملز جي بحالي ۽ خالي ايراضي تي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اسان اسٽيل مل کي نجڪاري کان بچايو آهي، سنڌ ڪابينا پاران گرين ڪارپوريٽ انيشيئيٽو سان نجي شراڪت جي پراجيڪٽ تي به غور ڪيو ويو
سنڌ ۾ ڪارپوريٽ ايگريڪلچر فارمنگ
ڪابينا کي آگاهي ڏني وئي ته گرين ڪارپوريٽ سنڌ ۾ ڪارپوريٽ ايگريڪلچر فارمنگ ڪرڻ چاهي ٿي، ڪارپوريٽ فارمنگ سان صوبي ۾ سيڙپڪاري ايندي
گرين ڪارپوريٽ سنڌ جي 6 ضلعن ۾ 52 هزار ايڪڙ زمين تي ڪارپوريٽ فارمنگ جو پراجيڪٽ شروع ڪرڻ چاهي ٿي، سنڌ ڪابينا تجويز تي غور ويچار لاءِ سب ڪميٽي جوڙي ڇڏي
سنڌ ڪابينا اوٻاوڙو لاءِ سب ڪميٽي جي سفارش تي 228 پرائمري استادن جون جايون پيدا ڪرڻ جي منظوري به ڏني، نئين پيدا ڪيل پي ايس ٽي ملازمتن ۾ 178 جايون مردن ۽ 50 عورتن لاءِ هونديون
صوبائي ڪابينا سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ لاءِ 9 ڏهائي 6 ارب روپين جي منظوري به ڏئي ڇڏي
سنڌ ڪابينا وليج سڪرنڊ کوسو جو 2 ڪلوميٽر روڊ ٺاهڻ لاءِ 60 ملين روپين جي منظوري به ڏني، صوبائي ڪابينا سنڌ بزنس ون اسٽاپ ون شاپ سسٽم جي منظوري به ڏئي ڇڏي
ملير ايڪسپريس وي جي ايراضيءَ تي قبضو ڪرڻ نه ڏيندس: مراد شاهه
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو سنڌ ڪابينا جي اجلاس چيو ته ملير ايڪسپريس وي جي ري ڪليم ڪيل ايراضيءَ جي هڪ انچ تي به ڪنهن کي قبضو ڪرڻ نه ڏيندس، ملير ايڪسپريس وي ٽريڪ جي سموري زمين ري ڪليم ٿي رهي آهي، ايراضيءَ جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت ڪرڻ بورڊ آف روينيو جي ذميواري آهي
وڏي وزير روينيو بورڊ ملير ايڪسپريس وي جي سموري ايراضيءَ جي سروي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
سنڌ ڪابينا ڪورنگي ضلعي جي ديهه ڊرگهه ۾ هڪ سئو ايڪڙ زمين تي سٽي اينجلز قائم ڪرڻ جي منظوري به ڏني، سٽي اينجلز ۾ اسپيشل ٻارن لاءِ اسڪول، بحالي مرڪز، اسپتال ۽ گرائونڊ به قائم ڪيو ويندو





































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































