خيبرپختونخواه جو گورنر فيصل ڪريم ڪُنڊي ۽ وڏو وزير علي امين گنڊاپور آمهون سامهون
خيبرپختونخواه جو گورنر فيصل ڪريم ڪُنڊي ۽ وڏو وزير علي امين گنڊاپور آمهون سامهون
وڏي وزير چيو آهي ته گورنر فيصل ڪريم ڪُنڊي اوقات ۾ رهي ۽ سياسي بيانن کان پاسو ڪري، گورنر هائوس کسڻ، گرانٽ، گاڏي ۽ تيل بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندي وڏي وزير چيو ته گورنر وٽ آئيني عهدو آهي، سياست سان سندس ڪوبه واسطو ناهي، گورنر رڳو باءِ باءِ ٽاٽا ڪندو رهي، هو سياسي بيانن کان نه مڙيو ته گورنر هائوس مان ٻاهر ڪڍي ڇڏينداسين
گورنر فيصل ڪريم ڪُنڊي وڏي وزير کي وارننگ ڏيندي چيو ته مونکي گورنر رهڻ ڏيو، نه ته آئون گنڊاپور کان به وڏو بدمعاش بڻجي ويندس، جيڪو گورنر هائوس تي قبضي جي ڳالهه ڪندو، اُن کي ساڳي ٻولي ۾ جواب ڏنو ويندو، علي امين گنڊاپور جي بدمعاشي وڌيڪ نه هلڻ ڏني ويندي
ڄاڻان ٿو ته علي امين گنڊاپور جهڙن ماڻهن کي ڪيئن منهن ڏئي سگهجي ٿو، ايترو چوڻ ڪافي آهي ته نچڻ وارا گهوڙا ريس نه کٽيندا آهن، گورنر چيو ته علي امين گنڊاپور قيد هو ته کيس پاڻي پيئارڻ وارو به ڪير نه هو، اُن وقت بلاول ڀٽو جي حڪم تي خورشيد شاهه جي گهر مان علي امين لاءِ کاڌو ايندو هو





































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































