اينٽي ڪرپشن سنڌ جي هٽايل چيئرمين فرحت جوڻيجو جا الزام بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيا آهن: صوبائي وزير جو ترجمان
اينٽي ڪرپشن سنڌ جي هٽايل چيئرمين فرحت جوڻيجو جا الزام بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيا آهن: صوبائي وزير جو ترجمان
اينٽي ڪرپشن جي صوبائي وزير محمد بخش مهر جي ترجمان جو بيان سامهون آيو آهي، ترجمان جو چوڻ آهي ته اينٽي ڪرپشن سنڌ جي هٽايل چيئرمين فرحت جوڻيجو جا الزام بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيا آهن
هن چيو ته فرحت جوڻيجو عهدي تي رهڻ دوران اهڙا الزام ڇو نه هنيا، عهدي تان هٽائڻ بعد هاڻي الزام ڇو پيو هڻي؟ سينيئر آفيسر جي افسوسناڪ بيان ۽ الزامن جي جاچ ڪرائي ويندي
صوبائي وزير جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته فرحت جوڻيجو صوبائي وزير کي نه ڪو خط لکيو آهي ۽ نه اهڙو خط مليو آهي، فرحت جوڻيجو جو بيان ضابطن جي ڀڃڪڙي جي زمري ۾ اچي ٿو، فرحت جوڻيجو عهدي تي رهڻ دوران پنهنجيون ذميواريون ۽ ڏنل ٽاسڪ به پورو نه ڪيو
ترجمان جو چوڻ هو ته سينيئر آفيسر ٿي ڪري اهڙي حرڪت ڪرڻ مان فرحت جوڻيجو جي دماغي حالت ۽ اهليت جي خبر پوي ٿي، فرحت جوڻيجو جي لڳايل الزامن جي جاچ ڪرائي ويندي





































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































