#عالمي

ايران ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪو، 51 مزدور فوت، ڪيترائي زخمي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ گئس ڌماڪي سان 51 مزدور فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪي جو واقعو تهران کان 540 ڪلو ميٽر پري خراسان صوبي جي ضلعي تباص ۾ پيش آيو.
رپورٽن موجب ڌماڪو ڇنڇر جي رات 9 وڳي ٻن بلاڪس ۾ ميٿين گئس ڦاٽڻ سان ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هيل تائين 51 ڄڻا فوت ٿيل ۽ 20 زخمي ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڌماڪي وقت ڪوئلي جي کاڻ جي انهن ٻن بلاڪس ۾ 70 ماڻهو موجود هئا.

Leave a comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Latest news