آزاد ڪشمير ۾ مهانگي بجلي خلاف ٽئين ڏينهن به پرتشدد مظاهرا، انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس معطل
آزاد ڪشمير ۾ مهانگي بجلي خلاف ٽئين ڏينهن به پرتشدد مظاهرا، انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس معطل
آزاد ڪشمير ۾ مهانگي بجلي خلاف ٽئين ڏينهن به پرتشدد احتجاج جاري، مختلف شهرن ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس معطل، هڙتال سبب کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ پيدا ٿي وئي
مظاهرين جو اسيمبلي طرف مارچ روان دوان، گذريل ڏينهن پرتشدد واقعن ۾اي ايس آءِ شهيد ۽ 25 اهلڪار زخمي ٿيا هئا
جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽيءَ پرتشدد واقعن کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي، صدر آصف علي زرداريءَ آزاد ڪشمير جي صورتحال تي ايوان صدر ۾ اڄ اهم اجلاس گهرائي ورتو

ذريعن موجب ايوان صدر ۾ گهرايل اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جا وزير احتجاج ۽ مطالبن کان صدر آصف علي زرداري کي آگاهه ڪندا، وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير حڪومت ۾شامل پنهنجي جماعت جي صدر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي






































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































