#ٽاپ اسٽوري #سنڌ

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي ﷺمذهبي جوش جذبي، عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

انسانيت جي عظيم محسن سرورِ ڪائنات، ٻنهي جهانن جي سردار، پيغمبرِ آخرِ زمان حضرت محمد مصطفيٰ احمد مجتبيٰ ﷺجي ولادت جو جشن، سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي ﷺمذهبي جوش جذبي، عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ 31 ۽ صوبائي راڄڌانين ۾ 21-21 توبن جي سلامي سان ڏهاڙي جي شروعات، ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن مان جشن ميلاد جا جلوس ۽ ريليون ڪڍيون پيون وڃن

هر طرف مرحبا يا مصطفيٰ ﷺ جي نعرن جا پڙاڏا، اسلام آباد ۾ سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس جي مک تقريب

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظيرآباد جي ننڍن وڏن شهرن ۾ به تقريبون، ميڙاڪا ۽ ريليون، انسانيت جي عظيم محسن کي عقيدت ۽ ڀيٽا جا گل آڇڻ لاءِ نعتيه ۽ درود و سلام جون تقريبون

Leave a comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Latest news