سانگهڙ ۾ دڪاندار هٿان قتل ٿيل پيرسن شهري ڦر جي ارادي سان آيو هو؟
سانگهڙ ۾ دڪاندار هٿان قتل ٿيل پيرسن شهري ڦر جي ارادي سان آيو هو؟
ڇا سانگهڙ ۾ دوڪاندار فيصل هٿان قتل ٿيل پيرسن شهري اسماعيل خاصخيلي ڦر جي ارادي سان آيو هو؟ واقعي جي سي سي ٽي وي فٽيجز مان نيون حقيقتون سامهون اچي ويون
سي سي ٽي وي فٽيج ۾ اسماعيل خاصخيلي ۽ ساڻس گڏ آيل همراهه منهن ماري دوران هڪ ڀيرو به هٿيار استعمال نه ڪيا، جوابدار دوڪاندار فيصل پسٽل ڪڍي پهرين هوائي فائرنگ ڪئي ۽ پوءِ اسماعيل خاصخيلي تي فائر ڪيو
اسماعيل خاصخيلي گولي لڳڻ باوجود هٿ ۾ جهليل پسٽل مان ڪو به فائر نه ڪيو، مقتول اسماعيل خاصخيلي جي وارثن جو چوڻ آهي ته دوڪاندار فيصل جاويد جي دوڪان ۾ لڳل سي سي ٽي وي جي سموري فيڊ هٿ ڪئي وڃي
ايڊٽ ڪيل ڪجهه سي سي ٽي وي فٽيج جي بنياد تي جوابدار دوڪاندار مقتول اسماعيل ۽ سندس ڀائيٽي خلاف ڦر جو ڪيس داخل ڪرايو، پوليس مقتول جي ڀائيٽي کي گرفتار ڪري ورتو
مقتول اسماعيل جي ٻئي ڀائيٽي جي فرياد تي دوڪاندار فيصل جاويد ۽ ٻين خلاف به ڪيس داخل، پوليس دوڪاندارن مان ڪنهن کي به اڃا تائين گرفتار نه ڪيو





































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































