ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، برهان چانڊيو کي انگلينڊ وڃڻ جي مشروط اجازت
ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، برهان چانڊيو کي انگلينڊ وڃڻ جي مشروط اجازت
دادو: ام رباب چانڊيو جي والد سميت ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس بابت ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي
ٻڌڻي دوران ڪيس جي جاچ آفيسر انسپيڪٽر منظور احمد منگي جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو، جوابدار ڌر جي وڪيلن جي غير موجودگي سبب سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي
عدالت پاران ٻڌڻين دوران پيش ٿيڻ جي ضمانت ڏيڻ تي برهان چانڊيو کي ڌيءَ جي علاج لاءِ انگلينڊ وڃڻ جي مشروط اجازت ڏني وئي
ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته انصاف جا منتظر آهيون، جوابدار ڌر جي وڪيلن جي پيش نه ٿيڻ ڪري جاچ آفيسر جي ڪراس ڪئسچنگ مڪمل نه ٿي
هن چيو ته سالن کان عدالتن ۾ پيش ٿي رهيا آهيون، ڪيس جي پيروي ڪيون پيا، مظلوم عوام اسان سان گڏ آهي، ڊڄڻ وارا ناهيون، انشاءَ الله اسان کي انصاف ملندو
ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار چانڊيو چيو ته ڀڄڻ وارا ناهيون، 7سالن کان عدالت ۾ پيش ٿيون پيا، برهان خان کي عدالت ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني آهي، هن چيو ته ڪيس هلڻ دوران 30 ڀيرا پرڏيھه ويا آهيون، هاڻي ميائون ميائون بند ٿيڻ گهرجي





































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































