سردارن کي ڦاهيءَ جي ڦندي تي ڏسڻ چاهيون ٿا، برهان چانڊيو ملڪ مان ڀڄڻ چاهي ٿو: ام رباب
سردارن کي ڦاهيءَ جي ڦندي تي ڏسڻ چاهيون ٿا، برهان چانڊيو ملڪ مان ڀڄڻ چاهي ٿو: ام رباب
دادو ام رباب چانڊيو جي گهر ڀاتين جي ڪيس ۾ نامزد ايم پي اي برهان چانڊيو جو پرڏيهه وڃڻ لاءِ عدالت سان رابطو
برهان چانڊيو جو درخواست ۾ چوڻ آهي ته نياڻي جي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻو آهي،اجازت ڏني وڃي
سرڪاري وڪيل عدالت ۾ غير حاضر، عدالت ٻڌڻي 7 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي
ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته سردارن کي ڦاهيءَ جي ڦندي تي ڏسڻ چاهيون ٿا، برهان چانڊيو ملڪ مان ڀڄڻ چاهي ٿو
هن چيو ته سنڌ حڪومت جي دعويٰ موجب ٻين صوبن جا ماڻهو سنڌ مان علاج ڪرائين ٿا ته هي ٻاهر ڇو ٿا وڃن؟، اسان کي عدالتن مان انصاف جي اميد آهي، جهڪڻ وارا ناهيون





































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































































